ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 462 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 462 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

عدالت ۾ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا،نيب جي شاهد محمد فهد دستاويز عدالت ۾ پيش ڪيا.

عدالت جوابدارن جي وڪيل کي شاهد جي دستاويزن بابت تياري لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 26 سيپتمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي قول ۽ فعل ۾ گهڻو فرق آهي.

هن چيو ته حالتون ٻڌائين ٿيون ته حڪومت نه هلي سگهندي، هتي حڪومت ۽ مخالف ڌرنظر نه اچي رهيون آهن.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته ڊيم فنڊ ۾ پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ فنڊ ڏيندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*