سنڌ جي وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جناح اسپتال ۾ عوام کي صحت جو سڀئي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن

سنڌ جي وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جناح اسپتال ۾ عوام کي صحت جو سڀئي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

جناح اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب  چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.

هن چيو ته نيب اين آءِ سي وي ڊي سينٽر تي ڇاپو هنيو آهي ته انهن کي ڪنهن معلومات جي ضرورت هوندي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ پندڙ ٻارن جي وڌندڙ تعداد کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت جا 12 وزير ۽ 6 صلاحڪار وڌيڪ گاڏيون استعمال نه ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارن کي عوام سان ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*