پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي  نواز شريف سان سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندا

پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي  نواز شريف سان سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندا.

ذريعن موجب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري وفد سان گڏ جاتي امراءَ پهچندا، جتي هو اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سوڌو شريف ڪٽنب سان بيگم ڪلثوم نواز  جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندا.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا هئا، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني سميت پ پ جا ٻيا سينيئر اڳواڻ شريڪ ٿيا هئا.

واضح رهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ميان نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي 4 ڏينهن جي پرول تي آزاد ڪيو ويو،جنهن جو مدو سڀاڻي ختم ٿي رهيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*