ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا

 ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته لياري مان  پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر عدنان بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو.

ڊفينس واري علائقي ۾ رينجرز اهلڪارن ڪارروائي ڪئي ته مقابلو ٿي پيو.

رينجرز موجب، فائرنگ ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا آهن.

  رينجرز ترجمان موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن  لياري ۾ رينجرز اهلڪارن ڪارروائي ڪري پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر عدنان بلوچ  کي گرفتار ورتو جنهن کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*