ريلوي واري وفاقي وزير  شيخ رشيد 16 سيپٽمبر کان موهن دڙو ايڪسپريس هلائڻ جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته نئين ٽرين ڪراچي کان موهن جو دڙو تائين هلائي ويندي

ريلوي واري وفاقي وزير  شيخ رشيد 16 سيپٽمبر کان موهن دڙو ايڪسپريس هلائڻ جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته نئين ٽرين ڪراچي کان موهن جو دڙو تائين هلائي ويندي، قائم ڪچي آبادين کي نه هٽايو ويندو، ڪنهن به غريب کي تنگ نه ڪيو ويندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته، موهن جو دڙو ايڪسپريس 16 سيپٽمبر تي شروع ڪئي ويندي.

هن چيو ته هو ريلوي جي بهتري چاهين ٿا، جنهن لاءِ ڏينهن رات ڪم به شروع ڪيو ويو آهي، حڪومت مسڪينن کي تنگ نه ڪندي، پر ڪنهن به واڳون کي نه ڇڏيو ويندو.

شيخ چيو ته ريلوي ۾ واءِ فائي جي سهولت جي درخواست ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ٽرينن جي به وزير اعظم کي اپيل ڪئي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*