پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيو آهن، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان لاءِ به امن افغانستان جيترو ئي لازمي آهي

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيو آهن، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان لاءِ به امن افغانستان جيترو ئي لازمي آهي، چئلينجز ساڳيا آهن، گڏيل سهڪار سان منهن ڏيڻو پوندو، افغان پرڏيهي وزير چيو ته ڪابل پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهتو، جتي افغان هم منصب سميت ٻين اعليٰ عهديدارن سندس آجيان ڪئي.

شاهه محمود قريشي سان افغان صدر اشرف غني ملاقات ڪئي، جيڪا 45 منٽن تائين جاري رهي.

ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ افغانستان ۾ امن بابت معاملن تي خيالن تي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي افغان صدر شاهه محمود قريشي کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون به ڏنيون.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ افغان صدر اشرف غني جي سربراهي ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي شاهه محمود قريشي ڪئي.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سمورين ڳالهين تي مثبت انداز ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ افغانستان ۾ امن عمل ۾ بهتري لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيو آهن.

ان موقعي تي شاهه محمود قريشي ۽ افغان هم منصب گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان لاءِ به امن افغانستان جيترو ئي لازمي آهي، چئلينجز ساڳيا آهن، گڏيل سهڪار سان منهن ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته افغانستان ۾ ورڪنگ گروپ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو، امن دشمن قوتن کي شڪست ڏيڻ لاءِ به گڏيل طور جدوجهد ڪرڻي پوندي.

افغان هم منصب چيو ته افغانستان پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن کي دهشتگردي جو چيلينج آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*