خيبرپختونخواهه جي علائقي جي علائقي سوات ۾ تفريح لاءِ ويندڙ جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا

خيبرپختونخواهه جي علائقي جي علائقي سوات ۾ تفريح لاءِ ويندڙ جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب مهو ڍنڍ  ويجهو پنجاب کان سير تفريح لاءِ ايندڙن جي گاڏي وڏي کاهي ۾ ڪري پئي.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، ڊرائيور سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمي ماڻهن کي سوات اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*