اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جي پرول تي آزدي جو وقت ختم ٿيڻ ۾ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا آهن

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جي پرول تي آزدي جو وقت ختم ٿيڻ ۾ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا آهن، ٽنهي ڄڻن کي بيگم ڪلثوم جي لاڏاڻي بعد پرول تي آزاد ڪيو ويو هو. مسلم ليگ ن  جي اڳواڻ راڻا تنوير حسين  جو چوڻ آهي ته نوازشريف پرول جي مدي ۾ واڌ جي ڪا به درخوات نه ڪئي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهرواري ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي پنجاب جي گهرو کاتي طرفان اڄ 4 وڳي تائين نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي پرول تي آزادي ڏني آهي، جنهن بعد انهن کي ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو.

نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي اڊيالا جيل مان 12 ڪلاڪن لاءِ پرول تي آزاد ڪيو ويو هو، جنهن جي مدي ۾ 4 ڏينهن لاءِ واڌڪئي وئي هئي.

ٻئي طرف مسلم ليگ ن  جي اڳواڻ راڻا تنوير حسين  جو چوڻ آهي ته نوازشريف پرول جي مدي ۾ واڌ جي ڪا به درخوات نه ڪئي آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف،ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ملڻ بعد 13 جولاءِ کان اڊيالا جيل ۾ قيد آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*