والاريل ڪشمير ۾ 6 نوجوانن جي شهادت ۽ لاش جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف حريت قيادت جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي

والاريل ڪشمير ۾ 6 نوجوانن جي شهادت ۽ لاش جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف حريت قيادت جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي، حريت اڳواڻن پاران ڀارتي فوج هٿان گلگام ۾ شهيد  ٿيلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ 6 نوجوانن جي شهادت ۽ لاش جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف حريت قيادت جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي

هڙتال جي سڏ تي وادي ۾ سموريون مارڪيٽون، آفيسز ۽ تعليمي ادارا بند آهن، جڏهن ته روڊن تي ٽريفڪ نه هئڻ برابر آهي.

حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني، ميرواعظ عمر فاروق ۽ ياسين ملڪ پنهنجي گيڏل بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومون، انساني حقن جي ڪائونسل ۽ ٻين انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي مطالبو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه شهرين جي قتل عام تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ حريت اڳواڻن  ۽ ڪارڪنن جي حياتين کي خطري جو نوٽيس ورتو وڃي.

حريت اڳواڻن ڀارتي فوج جي هٿان گلگام واري علائقي ۾ شهيد ٿيل نوجوانن جي وارثن سان ڏک جو به اظهار ڪيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*