سنڌ جي مالي سال 19-2018 جي 9 مهينن جي 1144 ارب کان وڌيڪ بجيٽ پيش ڪئي وئي

سنڌ جي مالي سال 19-2018 جي 9 مهينن جي 1144 ارب کان وڌيڪ بجيٽ پيش ڪئي وئي، خرچن جو ڪاٿو 1123 ارب روپيا لڳايو ويو، 20 ارب کان وڌيڪ خسارو ڏيکاريو ويو آهي.

اسيمبلي اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاهه مالي سال 19-2018 جي رهيل 9 مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي.

وڏي وزير نئين مالي جي بجيٽ  1144 ارب روپين جي بجيٽ ڪئي، جنهن ۾ خرچن جو ڪاٿو 1123 ارب روپيا لڳايو ويو، 20 ارب روپين کان وڌيڪ خسارو ڏيکاريو ويو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تجويزون پيش ڪندي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي حصي مان گهٽ رقم ملڻ سبب مالي خساري کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 50 ارب روپين مان گهٽتائي ڪري 26 ارب روپيا رکيا ويا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ عورتن لاءِ ڪامپليڪس، تربيتي مرڪز ۽ مختلف ضلعن ۾ ڪلب قائم ڪرڻ لاءِ 250  ملين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي.

هن  چيو ته هلندڙ سال جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 1500 ملين روپيا رکيا ويا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته اقليتين جي سماجي ۽ اقتصادي بهتري لاءِ گرانٽ 150 ملين مان وڌائي 750 ملين ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته گذريل سال 598 ارب 90 ڪروڙ رپين جو ٽيڪس جمع ٿيو هو، هن وقت تائين  1700 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن.

مراد علي شاهه چيو ته برساتون گهٽ ٿيڻ ڪري ٿر سميت عمرڪوٽ، سانگهڙ،  قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، حڪومت متاثر علائقن ۾ سروي شروع ڪرائي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ڏڪار متاثر علائقن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ مال لاءِ چاري جو بندوبست به ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڊسمبر 2018 تي ٿرڪول مان 330 ميگاواٽ بجلي ٿيندي، جيڪا نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ شامل ڪئي ويندي.

مراد علي شاهه چيو ته صوبي مان غربت جي خاتمي لاءِ  قمبرشهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، دادو، ڄامشورو، مٽياري، سجاول، ٺٽي، ٽنڊوالهيار، ۽ ٽنڊو محمد خان ۾  8 بلين روپين کان وڌيڪ سرمائيڪاري ڪئي پئي وڃي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر سيمي ضياءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر شهانا عشر ميمبر طور قسم کنيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*