سپريم ڪورٽ ۾ ڊي پي او پاڪپتن جي بدلي ڪيس ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام غير مشروف معافي گهري ورتي

سپريم ڪورٽ ۾ ڊي پي او پاڪپتن جي بدلي ڪيس ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام غير مشروف معافي گهري ورتي، عدالت معاملي جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪو به آِو، ان کي ايمانداري سان ڪم ڪرڻُ پوندو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڊي پي او پاڪ پتن جي بدلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ احسن جميل گجر پيش ٿيا.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪليم امام جي رپورٽ بد نيتي تي ٻڌل آهي، احسن جميل گجر وڏي وزير وٽ سفارش کڻي ويو هو پر رپورٽ ۾ سڀ سٺو آهي جو لکيو آهي، جنهن کي رد ڪريون ٿا، سندس خلاف سخت ايڪشن جون هدايت جون جاري ڪنداسين.

چيف جسٽس آءِ جي پنجاب ڪليم امام تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان توهان تي اعتماد ڪري رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر توهان بدنيتي سان رپورٽ ٺاهي، اسان لکي ڇڏيو ته توهان پوليس ۾ نه رهندا.

چيف جسٽس چيو ته توهان پاڻ ٻڌايو ته ڇا توهان آءِ جي ٿيڻ جي اهل آهيو، هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ توهان سموري پوليس فورس تباهه ڪئي، احسن جميل ڪهڙي حيثيت ۾ ڊي پي او کان وضاحت طلب ڪئي، توهان کي رپورٽ لکندي شرم نه آيو.

چيف جسٽس ڪليم کي بيج لاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊي پي او پاڪپتن جي هڪ وڳي مشڪوڪ انداز ۾ بدلي ٿي ۽ توهان چئو ٿا ڪجهه نه ٿيو آهي. چيف جسٽس چيو ته توهان ڪهڙي جاچ ڪئي، آر پي او ۽ ڊي پي او جا بيان پاڻ ۾ نه ٿا ملن، توهان پوليس آفيسرن کي وڏي وزير سان ملڻ کان ڇو روڪيو.

ان موقعي تي آءِ جي پنجاب چيو ته مون کي واقعي جي خبر پئي ته مان اسلام آباد ۾ هيس.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان اسلام آباد ۾ هئا، ڪنهن ٻي ملڪ ۾ ته نه هئا، عثمان بوزدار پنهنجي سامهون پوليس آفيسرن کي ذليل ڪرايو.

چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪليم امام توهان کي موقعو ڏنو پر وڃائي ڇڏيو، ڪم ايمانداري سان ڪيو يا نه فيصلو عدالت ڪندي، پنهنجي دفاع لاءِ وڪيل به ڪيو.

چيف جسٽس سينئر پوليس آفيسر خالد لڪ کي ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل جي بدلي جي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ احسن جميل کي 2 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وقت کان اڳ  پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪيو.  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ آءِ جي پنجاب ڪليم امام غير مشروط معافي وٺي ورتي

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عثمان بوزدار کي آئين جو آرٽيڪل 62 ڪڍي ڏيکاريو، سندس لاءِ وڪيل به مقرر ڪري رهيا آهيون، جيڪو سندس قانوني مشاورت ڪندو. ايڏو وڏو صوبو قانون تي عمل بنا ڪيئن هلي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ پاڪپتن جي ڊي پي او جي بدلي واري ڪيس جي نئين سر جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*