پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ قانون ۽ احتساب بابت معاهدو ٿي ويو، برطانوي پرڏيهي وزير  ساجد جاويد چيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو پاڪستان ۽ برطانيه جي ترجيح آهي

پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ قانون ۽ احتساب بابت معاهدو ٿي ويو، برطانوي پرڏيهي وزير  ساجد جاويد چيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو پاڪستان ۽ برطانيه جي ترجيح آهي، قانون جي حڪمراني ۽ احتساب جو عمل چاهيون ٿا، گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪنداسين.

برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ قانون واري وزير فروغ نسيم سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

ملاقات دوران خطي جي صورتحال سميت احتساب عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقاتن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ساجد جاويد چيو ته برطانيا پاڪستان جو بهترين دوست ملڪ آهي، وزيراعظم پرڏيهي وزير ۽ قانون واري وزير سان اثرائتون ڳالهيون ٿيون آهن.

برطانوي گهرو وزير چيو ته گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪنداسين.

هن چيو ته هو وزيراعظم عمران خان کي حڪومت سنڀالڻ تي واڌايون پيش ڪيون ٿا، فخر آهي ته 12پاڪستاني برطانوي پارليامينٽ جا ميمبر آهن.

ساجد جاويد چيو ته ڪرپشن جو خاتمو پاڪستان ۽ برطانيا جي ترجيح آهي، قانون جي حڪمراني ۽ احتساب جو عمل چاهيون ٿا، برطانيا جا جاچ ادارا آزاد آهن.

پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ احتساب بابت هڪ معاهدو به ٿيو، جنهن جو مقصد ڏوهن جي خاتمي ۾ سهڪار ڪرڻ آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته معاهدي جو مقصد ڦريل دولت واپس آڻڻ آهي ۽ جوابدارن جي مٽاسٽا واري معادي جي منظوري ڏينداسين.

بيريسٽر فروغ نسيم چيو ته برطانوي گهرو وزير سان انفرادي معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

فروغ نسيم چيو ته معاهدو ڪنهن هڪ فرد نه پر وسيع پيماني تي ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*