امام حسين ۽ سندس ساٿين طرفان ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل عظيم قرباني جي ياد ۾عزاداري جو سلسلو جاري آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ مجلسون ڪري ماتم ڪيو پيو  وڃي

امام حسين ۽ سندس ساٿين طرفان ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل عظيم قرباني جي ياد ۾عزاداري جو سلسلو جاري آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ مجلسون ڪري ماتم ڪيو پيو  وڃي.

پڪاچانگ جي مرڪزي امام بارگاهه حسيني مان ذوالجناح سان جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو ڪرونڊي روڊ کان ٿيندو ڳوٺ رسول بخش چانگ، علي مردان بالادي وٽان ڳوٺ نيڪ محمد ڊکڻ ۾پڄاڻي تي پهتو.

اڪري شهر ۾ ڳوٺ خدا بخش هيسباڻي، سانجاهو، محمد شاهه بلادي سميت 15 کان مٿي علائقن مان جلوس برآمد ٿيا،جيڪي پنجتني امام بارگاهه پهچي مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا، ان موقعي تي عزادارن، تلوار، چاقو ۽گرزن جو ماتم ڪيو.

ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا لاءِ اوٻاوڙو  ۾ مرڪزي امام بارگاهه الحسيني کان علم پاڪ ھٿن ۾ کڻي ماتمي جلوس  ڪڍيو ويو.

گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ سردار خان گهوٽو ۾امام بارگاهه امام زمانه عليه اسلام ۾ مجلس عزا ٿي، جنهن ۾ مولانا پهلوان سنگهڙ، سيد سڪندر شاهه ۽  ٻين  خطاب ڪيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*