نيشنل بئنڪ جي صدر طارق جمالي چيو آهي ته معيشيت جي بهتري لاءِ ننڍن شعبن خاص طور زراعت شعبي ۾ اسان جو گهڻو ڪردار آهي

نيشنل بئنڪ جي صدر طارق جمالي چيو آهي ته معيشيت جي بهتري لاءِ ننڍن شعبن خاص طور زراعت شعبي ۾ اسان جو گهڻو ڪردار آهي.

ڪراچي جي هيڊ آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق جمالي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسي تحت اسان پنهنجيون پاليسيون ٺاهيندا آهيون.

هن چيو ته ماڻهن اڄ به سروس جون شڪايتون ڪري رهيا آهن، اسان ايڇ آر جي شعبي ۾ بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

طارق جمالي چيو ته گذريل حڪومت جي يوٿ لون اسڪيم جي رفتار گهٽ آهي، ان جي باوجود جاري آهي، اسان عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*