اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته رڳو گورنر هائوس کولڻ ۽ گاڏيون نيلام ڪرڻ سان ملڪ نه هلي سگهندو

اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته رڳو گورنر هائوس کولڻ ۽ گاڏيون نيلام ڪرڻ سان ملڪ نه هلي سگهندو. حڪومت سبسڊي کي ختم ڪري عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهي آهي، اسان عوام لاءِ جيڪي رعايتون حڪومت کي ڏنيون آهن تنهن جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ترقياتي ڪمن تي ڪهاڙو هڻڻ جي خبر هلي رهي آهي،

هن چيو ته موجوده وقت ۾ عملي طور 6 مهينن کان پاڪستان جو ڊولپمينٽ پورڊ فوليو بند  ٿي چڪو آهي، جنهن ملڪ ۾ 6 مهينن تائين ترقي جو عمل بند هجي اهو ترقي ڪهڙي نموني ڪري سگهي ٿو.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اسان حڪومت کي پهريون 100 ڏينهن کليل ڇوٽ ڏني ته جيئن بعد ۾ اهو نه چيو وڃي ته ڪم نه ڪرڻ ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته حڪومت پاران ملڪ کي فائدو پهچائڻ واري منصوبي سي پيڪ بابت به اڃا مضبوط حڪمت عملي سامهون نه آئي آهي،  حڪومت هلائڻ اناڙين جو ڪم ناهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته گورنر هائوسز کولڻ ۽ گاڏيون ڪري ملڪ نه هلندو آهي ۽ نه وري ڊيم چندي جي پئسي سان ٺهندا آهن.

هن چيو ته ديار مر ڀاشا ڊيم لاءِ اسان جي حڪومت 122 ارب رپيه جاري ڪيا ۽ ڊيم لاءِ زمين به حاصل ڪئي وئي.

احسن اقبال چيو ته حڪومت سبسڊي کي ختم ڪري عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهي آهي، اسان عوام لاءِ جيڪي رعايتون حڪومت کي ڏنيون آهن، انهن جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*