ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد چيو آهي ته محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد چيو آهي ته محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن.

ڪراچي جي رينجرز هيڊڪوارٽرس ۾ ڊي جي رينجرز محمد سعيد جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ سڪيورٽي معاملن جو جائزو ورتو  ويو.

ڊي جي رينجرز محمد سعيد چيو ته حساس هنڌن جي سيڪيورٽي کي پڻ يقيني بڻائيندي ملڪ دشمن عنصرن تي ڪرڙي نظر رکي وڃي.

هن چيو ته صوبائي حڪومت جي ڏنل هدايتن جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي،ادارن ۾ رابطن واري عمل کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ پوري صوبي جي عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته امن امان جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار ڪيو وڃي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي بابت سيڪيورٽي اهلڪارن کي اطلاع ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*