لاڙڪاڻي ۾ 2 ڏينهن اڳ رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي ويل ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو ويوآهي

لاڙڪاڻي ۾ 2 ڏينهن اڳ رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي ويل ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو ويوآهي، ٻارڙو ٻين ٻارن سان گڏ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو هو.

شهر جي نظر محلي وٽ رائيس ڪئنال ۾2 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل 7 ورهين جي ضمير ڪلهوڙي جو لاش ارٿر شاخ جي موري مان هٿ ڪيو ويو.

ضمير ڪلهوڙو ٻين ٽن ٻارن سان گڏ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو هو، موقعي تي موجود ماڻهن 8 سالن جي ڪامران چانڊيو جو لاش پهرين ڏينهن رائيس ڪئنال مان هٿ ڪري ٻن ٻارن کي بچائي ورتو هو، جڏهن ته ضمير هٿ نه اچي سگهيو هو، جنهن جي ڳولا جاري هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*