پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين معين خان چيو آهي ته پهرين سرفراز احمد سندس مداح هو ۽ هاڻي هو سرفراز احمد جو مداح آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين معين خان چيو آهي ته پهرين سرفراز احمد سندس مداح هو ۽ هاڻي هو سرفراز احمد جو مداح آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي قومي ٽيم جي ڪرڪيٽر چيو ته سرفراز احمد کي ورلڊڪپ تائين قيادت جي زميواري ڏني وڃي.

معين خان اميد ظاهر ڪندي چيو ته سرفراز احمد جي قيادت ۾ پاڪستان ايونٽ جي فائنل ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪري.

هن وڌيڪ چيوته سندس خوائش آهي ته ٽيم ايشياڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ۽ سرفراز احمد فائنل ۾ هڪ يادگار اننگ کيڏي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو ته قومي ٽيم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهي آهي،پر ٽيم جو نائيب ڪپتان ڪنهن نوجوان رانديگر کي بڻائڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*