ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جو چوڻ آهي ته دبئي جو موسم گرم آهي،ڪنڊيشنز پڻ مشڪل آهن

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جو چوڻ آهي ته دبئي جو موسم گرم آهي،ڪنڊيشنز پڻ مشڪل آهن، پر کين ڪنڊيشنز کان وڌيڪ ميچز جي نتيجن تي ڳڻتي آهي.

هانگ ڪانگ سان رٿيل ميچ کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪپتان جوچوڻ هوته پاڪستان جي ٽيم گروپ ۾ پهرين ميچ کٽي چڪي آهي ۽جيڪڏهن ڀارتي ٽيم ميچ ۾ فتح ڪئي ته ٻئي ٽِيمون سپر فور ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون.

روهت شرما وڌيڪ چيو ته ورلڊڪپ ۾ٽائيم ٿورو بچيو آهي ۽ کين ٽيم جي ڪامبينيشن سميت سمورن رانديگرن کي پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته کيس پنهنجي ٽيم جي ڳڻتي آهي ۽ايونٽ ۾ شريڪ مخالف ٽيمن کي شڪست ڏيڻ پهرين ترجيح آهي.

روهت شرما جو وڌيڪ چوڻ هوته هاڻي گيم ٽائيم شروع ٿي چڪو آهي، جنهن تي سمورن رانديگرن جو ڌيان کتل آهي.

واضح رهي ته ڀارتي ٽِيم ايونٽ ۾ دفاعي چيمپيئن آهي، جيڪا اڄ هانگ ڪانگ خلاف ميچ سان ايونٽ ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*