ايشِياڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي اهم ميچ سڀاڻي پاڪستان ۽ روائتي حريف ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي

ايشِياڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي اهم ميچ سڀاڻي پاڪستان ۽ روائتي حريف ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، قومي ٽيم گذريل ڏينهن ڀورپور ٽريننگ سيشن شرڪت ڪئي.

ايشياڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم هانگ ڪانگ کي هڪ طرفي مقابلي بعد 8وڪيٽن تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪئي، جنهن ۾ امام الحق جي شاندار ففٽي شامل هئي.

ايونٽ ۾ ڀارتي ٽيم اڄ هانگ ڪانگ خلاف ميچ کيڏي ايونٽ ۾ سفر جي شروعات ڪندي، جڏهن ته قومي ٽيم خلاف سڀاڻي اهم ميچ کيڏندي.

قومي ٽيم گذريل ڏينهن آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪوچنگ اسٽاف جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

پاڪستان ۽ ڀارتي جي ٽيمن وچ ۾ ايشيا ڪپ ۾ مجموعي طور 12ميچز ٿي چڪيون آهن، جنهن ۾ پنج ميچز ۾ فتح قومي ٽيم جو مقدر بڻي، جڏهن ته 6ميچز ۾ ڪاميابي ڀارتي ٽيم جو کي ملي.

سڀاڻي جي ميچ ۾ پاڪستان ۽ڀارتي عوام سميت دنيا جي ڪرڪيٽ جي مداحن جون نظرون کتل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*