ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ضياءَالدين اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ واري ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ضياءَالدين اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ واري ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو، جاچ آفيسر چالان ۾ شرجيل ميمڻ کي شريڪ جوابدار قرار ڏنو آهي .

چالان موجب شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان 3 بوتلون مليون هيون، جن مان هڪ بوتل ۾ 2 انچ شراب هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

چالان ۾ چيو ويو ته پهرين آگسٽ تي معلوم ٿيو ته ڪمري ۾ غيرقانوني حرڪت ٿي رهي آهي،سي سي ٽي ڪئمرائن ۾ نامزد جوابدار جون شڪي سرگرميون پڻ نظر آيون آهن.

چالان ۾ چيو ويو ته جوابدار شڪر الدين، مشتاق علي ۽ محمد ڄام ڪيس جي مال ۾ ردوبدل جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار شڪرالدين اعتراف ڪيو ته شراب جون بوتلون هن ڊسٽ بن ۾ اڇلايون هيون.

چالان ۾ چيو ويو ته سي سي ٽي وي موجب جوابدارن ڪيس مال ۾ ردوبدل ڪري ڄاڻي واڻي ثبوت ضايع ڪيا آهن.

جاچ آفيسر چالان ۾ چيو ته ڪمري مان سگريٽ جو هڪ پيڪٽ پيڪ ۽ هڪ کليل مليو، ڪيس ۾ 15 شاهدن جا نالا شامل آهن.

چالان ۾ شرجيل ميمڻ کي گرفتار ظاهر ڪيو ويو، جوابدار شڪرالدين، مشتاق علي ۽ محمد ڄام ضمانت تي آزاد آهن.

چالان ۾ چيو ويو ته اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ نسيم احمد شجره ۽ ڪورٽ پوليس اهلڪار حبيب الله روپوش ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*