اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾  اينڪر پرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾  اينڪر پرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود جي پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شاهد مسعود جي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ چيو ته ٽرائل ڪورٽ ذاتي ۾ پيش نه ٿيڻ تي منهنجي موڪل جي ضمانت رد ڪئي، کيس حتمي فيصلو اچڻ تائين ضمانت ڏني وڃي.

هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر شاهد مسعود جي 28 سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي 5 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

هاءِ ڪورٽ جوابدار کي 28 سيپٽمبر تائين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*