وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ جي حصي مان گهٽ رقم ملڻ سبب ترقياتي بجيٽ مان 24 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪرڻي پوندي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ جي حصي مان گهٽ رقم ملڻ سبب ترقياتي بجيٽ مان 24 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪرڻي پوندي، ڪالاباغ ڊيم کي 3 اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن.

ڪراچي  ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي ۽ حيدرآباد ۾ واٽر سپلاءَ اسڪيمن لاءِ رقم رکي وئي آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ 39 ٽراما سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، جيئن عوام کي صحت جون سهولتون ملي سگهن.

هن چيو ته وفاقي سرڪار 18-2017  دوران 627 ارب ڏيڻ جو چيو بعد ۾ سنڌ کي 48 ارب رپيا گهٽ مليا.

مراد علي شاهه چيو ته جون 2018 ۾ سنڌ کي وڌيڪ 49 ارب رپيا گهٽ مليا آهن، جنهن سان مالي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ مان 24 ارب ڪٽوتي ڪرڻي پوندي، سنڌ ۾غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کي شهريت جا مخالف آهيون.

مراد علي شاهه ڪالاباغ ڊيم کي 3 اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن، واپڊا چيئرمين به ٺاهڻ کان منع ڪري چڪو آهي.

وڏي وزير چيو ته وزيراعظم ڊيم بابت ڪا به ڳالهه نه ڪئي، گرين لائين منصوبي لاءِ بسون خريد ڪرڻ بابت وفاق پاڻ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم ڪراچي مان 2 مهينن ۾ ڪچرو کڻائڻ بابت ناهي چيو، جيڪڏهن ڪا ڳالهه گورنر سان ڪئي هجي ته ان بابت مون کي ڄاڻ ناهي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور منصوبي جا خرچ وڌي ويا آهن، وفاق جو سهڪار گهربل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*