ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مني بجيٽ ۾ هڪ سئو سيڪڙو بار اميرن تي وڌو ويو آهي

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مني بجيٽ ۾ هڪ سئو سيڪڙو بار اميرن تي وڌو ويو آهي، اسان جي ايڪسپورٽ گهٽجي رهي آهي ۽ خسارو قرض وٺي پورو ڪري رهيا آهيون، جيستائين اسان ايڪسپورٽرز کي پنهنجي پيرن تي نه ٿا بيهاريون ته بهتري ايندي.

مني بجيٽ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سال حڪومت وٽ معاملن کي هلائڻ لاءِ پيسا نه هئا، ان لاءِ اسٽيٽ بينڪ کان 12 سئو ارب رپين جا نوٽ ڇاپيا ويا.

هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جا مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن، اسان وٽ ڪو به آپشن نه آهي ته انتظار ڪيون.

اسد عمر چيو ته اسان ڪيترائي قدم کڻي رهيا آهيون، اسان وٽ وقت نه آهي، جنهن سبب اميرن تي ٽيڪس لڳايو آهي.

هن چيو ته اسان کي انهن ماڻهن کان ٽيڪس وٺڻو آهي، جيڪي ٽيڪس چوري ڪري رهيا آهن.

اسد عمر  چيو ته اسان موبائل فونز ۽ گاڏين تي ٽيڪس وڌايو ويو Aهي، مني بجيٽ ۾ هڪ سئو سيڪڙو اميرن تي ٽيڪس وڌو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*