وزيراعظم عمران خان پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو

وزيراعظم عمران خان پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو، پرڏيهي وزير، ناڻي وارو وزير ۽ تجارت بابت صلاحڪار به وزيراعظم سان گڏ آهن، دوري دوران وزيراعظم سعودي ولي عهد سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

وزيراعظم عمران خان سعودي بادشاهه جي دعوت تي پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.

دوري دوران وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪندو ۽ عمرو به ادا ڪندو.

سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان سي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان به ملاقات ڪندو.

عمرنا خان سڀاڻي شام سعودي عرب کان ابوظهبي روانو ٿيندو، جتي يو اي اي جي ولي عهد محمد بن زيد النهيان وزيراعظم عمران  خان جو استقبال ڪندو.

وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن زيد دوري جي دعوت ڏني هئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*