اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جي سزائن خلاف درخواستن تي فيصلو اڄ ٻڌائي رهي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جي سزائن خلاف درخواستن تي فيصلو اڄ ٻڌائي رهي آهي، نيب پراسيڪيوٽر جنرل کي اڄ دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جي سزائن خلاف درخواستن تي  ٻڌڻي اڄ ٻهير ٿيندي.

عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي  اڄ دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

گذريل ڏينهن جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته ظاهري طور ايئن لڳي ٿو ته احتساب عدالت جو فيصلو مفروضي جي بنياد تي ٻڌل آهي، اهو مفروضو آهي ته ٻارن جي قبضي ۾ موجود جائيداد نواز شريف جي آهي،

جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن جائيداد نواز شريف جي آهي ته پوءِ مريم نواز کي نائين اي فائيو ۾ سزا ڪيئن ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*