وزيراعظم عمران خان اڄ سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد سان ملاقاتون ڪندو

وزيراعظم عمران خان اڄ سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم عمران خان رسول الله جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀري  ۽ ملڪي خوشحالي لاءِ دعا به گهري.

وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن واري پهرين پرڏيهي دوري تي سعودي عرب پهتل آهي.

گذريل ڏينهن مديني شريف پهچڻ تي گورنر فيصل بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي هئي.

وزيراعظم عمران خان رسول الله جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀري ۽ ملڪ جي خوشحال لاءِ دعا به گهري.

وزيراعظم ۽ سندس وفد لاءِ ڪعبي جا دروازا کوليا ويا، عمران خان عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ نفل به ادا ڪيا.

وزيراعظم سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪندو.

سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان سي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان به ملاقات ڪندو.

عمران خان اڄ شام سعودي عرب کان ابوظهبي روانو ٿيندو، جتي يو اي اي جي ولي عهد محمد بن زيد النهيان وزيراعظم عمران  خان جو استقبال ڪندو.

وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن زيد دوري جي دعوت ڏني هئي.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر ۽ ٻيا گڏ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*