اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قربانيون ڏيندڙ ڪربلا جي عظيم شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي

اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قربانيون ڏيندڙ ڪربلا جي عظيم شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي، سنڌ سرڪار پاران اڄ کان عاشور ڏهاڙي تائين ٽن ڏينهن لاءِ موبائيل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

گهرو کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻو، شڪارپور، نواب شاهه ۽ جيڪب آباد ۾موبائيل فون سروس بند رهندي.

گهرو کاتي جو سيڪريٽري چيو ته موبائل فون سروس صبح 10 وڳي کان رات 12 وڳي تائين ٽي ڏينهن بند رهندي.

ڪراچي ۾ اڄ اٺين محرم جو ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندو، ان سلسلي ۾ ايم اي جناح روڊ ۽ صدر ۾ڪنٽينر رکي رستا سيل ڪيا ويا آهن.

ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*