هاڻي قاتلن جي نه پر انصاف ڏيڻ وارن جي حڪومت آهي،عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري

عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته هاڻي قاتلن جي نه پر انصاف ڏيڻ وارن جي حڪومت آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت لاءِ ماڊل ٽائون سانحو پهرين ٽيسٽ آهي، عمران خان تي ذميواري آهي ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري.

استنبول کان لاهور پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي طاهرالقادري چيو ته عمران خان لاءِ ماڊل ٽائون سانحي ۾ انصاف ڏيڻ  ٽيسٽ آهي، اميد ته انصاف ملندو.

هن چيو ته عمران خان 4 سال ماڊل ٽائون سانحي ۾ اسان سان گڏ آواز اٿاريو، هاڻي قاتلن جي نه پر انصاف ڏيڻ وارن جي حڪومت آهي.

عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته شريف خاندان سان اڳ ۾ ئي تعزيت ڪري چڪو آهيان.

سندس چوڻ هو ته عمران خان تي ذميواري آهي ته هو ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري.

 عوامي تحريڪ جي سربراهه جو چوڻ هو ته اسان جي وڪيلن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ شاهدن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون.

 عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري وڌيڪ چيو ته  ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث اهلڪارن کي برطرف ڪرڻ عمران خان لاءِ امتحان آهي، اميد ته عمران خان واعدا نڀائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*