خانپور مهر ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾هڪ نوجوان مارجي ويو

خانپور مهر ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾هڪ نوجوان مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جاچ ڪريون پيا.

ڳوٺ پيربخش پتافي ۾اڻ ڄاتل ھٿياربندن فجر ڌاري هڪ گهر تي حملو ڪري ننڊ پيل نوجوان عاشق پتافيءَ کي ڪلاشن ڪوف جا برسٽ ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، معاملي جي جاچ ڪريون پيا، جلد حقيقت معلوم ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*