عوام جي ترقي اسان جو عزم آهي، پوئتي نه هٽنداسين،پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته عوام جي ترقي اسان جو عزم آهي، پوئتي نه هٽنداسين، هر شهري جون حالتون  تبديل ٿينديون ۽ تبديلي اچي رهندي، وزيراعظم جي هڪ سئو ڏينهن واري ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم جاري آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان پنجاب اسيمبلي جي ميمبر چوڌري محمد نعيم ابراهيم جي ملاقات ٿي، جنهن دوران سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عوام جي ترقي اسان جو عزم آهي، پوئتي نه هٽنداسين، هر شهري جون حالتون  تبديل ٿينديون ۽ تبديلي اچي رهندي.

هن چيو ته گهٽ ترقي يافته علائقن کي ترقي يافته علائقن جي برابر ڪنداسين، تبديلي جو واعدو پورو ڪنداسين ۽ پنجاب کي تبديل ڪنداسين.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان کي هڪ سئو ڏينهن جي ايجنڊا پاڪستان جي ترقي جو پروگرام آهي.

عثمان بوزدار چيو ته، وزيراعظم جي هڪ سئو ڏينهن واري ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم جاري آهي، ترقي يافته  علائقن جي ترقي جي تسلسل کي برقرار رکنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*