پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي سلام پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي سلام پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اڄ علم پاڪن جا جلوس ڪڍي غازي عباس عليه السلام کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي سلام پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان سيڪيورٽي انتظام به انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ راولپنڊي، ملتان، حافظ آباد، فيصل آباد، بهاولپور ۽ سيالڪوٽ سميت ٻين شهرن ۾ علم پاڪن ۽ ذوالجناح جا جلوس ڪڍيا ويندا، جڏهن ته مختلف امام بارگاهن ۾ مجلسون به منعقد ڪيون پيون وڃن.

ماتمي جلوسن دوران عزادارن طرفان سينا زني ۽ زنجير زني ڪري ڪربلا ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ قرباني ڏيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

8 محرم الحرام جي حوالي سان مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس به بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جلوسن جي سيڪيورٽي جا انتظا به سخت ڪيا ويا آهن.

جلوس جي سمورن رستن تي رنڊڪون ۽ ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽريفڪ کي متبادل رستو ڏنو ويو آهي.

پارا چنارا ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪ افغان سرحد کي به سيل ڪيو ويو آهي.

پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو يو آهي. جڏهن ته ٽريفڪ پوليس اهلڪار به پنهنجيون ذميواريون سنڀاليندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*