سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ احسن آباد ۾ بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻنهي هٿن کان معذور ٿيل نينگر واري ڪيس ٻڌڻي دوران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ احسن آباد ۾ بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻنهي هٿن کان معذور ٿيل نينگر واري ڪيس ٻڌڻي دوران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي.

معذور نينگر عمر جي والد ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ ڪيس واپس وٺي ڇڏيو، عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل کي معاهدو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته نينگر جي وارثن کي 25 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا،ماهوار معاوضي ۾ ساليانو 5 سيڪڙو اضافو به ڪيو ويندو.

عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي گرفتار 7 جوابدارن جي 50-50 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

نينگر جي والد ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ ٿيل معاهدي تحت نينگر جي مڪمل علاج جو خرچ ڪي اليڪٽرڪ برداشت ڪندي.

معاهدي موجب نينگر جي وارثن کي 300 يونٽن تائين مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*