جيستائين فٽ هوندس ٽيم جي نمائندگي ڪندو رهندس، شاهد آفريدي

پاڪستان جي ٽي-ٽوئنٽي ٽِيم جي ڪپتان شاهد آفريدي جو چُوڻ آهي ته هو جستائين فٽ هوندو ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جي نمائندگي ڪندو رهندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽِي-ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان ۽نالي واري آلرائونڊر شاهد آفريدي چيو ته جستايئن کيڏندو رهندو، تيستائين قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندو رهندو.

شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ايندڙ سال ڀارت ۾ رٿيل ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٽيم کي فتح ڏياريندو.

 واضح رهي ته شاهد آفريدي تازو ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن صرف ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد پي سي بي کيس ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*