لاهور جي احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي دوران فواد حسين فواد جو ٻن ڏينهن لاءِ راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتو

لاهور جي احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي دوران فواد حسين فواد جو ٻن ڏينهن لاءِ راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتو. نيب عملدارن موقف اختيار ڪيو ته فواد حسين فواد کي آبادي ڪنٽرول ڪميٽي جي آڏو پيش ڪيو ويندو.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانا هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ان موقعي تي نيب عملدارن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي پرسنل سيڪريٽري فواد حسين فواد جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي.

نيب عملدارن موقف اختيار ڪيو ته فواد حسين فواد کي آبادي ڪنٽرول ڪميٽي جي آڏو پيش ڪيو ويندو.

احتساب عدالت نيب جي استدعا منظور ڪندي فواد حسين فواد جي ٻن ڏينهن لاءِ راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*