مٺياڻي ۾مھدي شاھ جي پڙ تي اڄ شام باھ جو قديمي ماتم ٿي رھيو آھي، جنھن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن

مٺياڻي ۾مھدي شاھ جي پڙ تي اڄ شام باھ جو قديمي ماتم ٿي رھيو آھي، جنھن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن.

مهدي شاهه جي پڙ تي باهه جي قديمي ماتم ۾شرڪت لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن کان عزادارن جي آمد جاري آھي جڏھن ته حفاظتي انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب ڊي ايس پي نوشھرو فيروز ۽ ايس ايڇ او مٺياڻي جي نگرانيءَ ۾100کان وڌيڪ اھلڪارن کي سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف پوليس مھدي شاهه جي پڙ ڏانھن ايندڙ رستن تان ماڻھن توڙي گاڏين جي تلاشي جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته اتفاقي توڙي ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي کي نظر ۾ رکندي ميڊيڪل ٽيمز پڻ مقرر ڪيون ويون آھن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*