سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور جي چيئرمين بورڊ آف گورنرز جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور جي چيئرمين بورڊ آف گورنرز جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پنجاب سرڪار کي ٽن ڏينهن اندر نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته  اسحاق ڊار ملڪ مان فرار آهي، عدالت کيس اشتهاري قرار ڏئِي ريڊ وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ يونيورسٽي آف هيٿ سائنسز لاهور بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت پنجاب حڪومت کي ٽن ڏينهن اندر بورڊ آف گورنرز جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم  ڏنو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين اسحاق ڊار ملڪ مان فرار آهي ۽ عدالت کيس اشتهاري قرار ڏئي ريڊ وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.

جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته قانون تحت يو ايڇ ايس جي بورڊ آف گورنرز جي گڏجاڻي هر ٻن سالن بعد ٿيڻ گهرجي پر 2016 کان پوءِ هن وقت تائين ڪو به اجلاس نه ٿيو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين جي غيرحاضري ۾ بورڊ غير فعال آهي.

عدالت ان معاملي تي پرڏيهي وزارت سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز کان جواب طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*