لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي محرم الحرام جي ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ انتظام سخت ڪندي موبائل فون نيٽ ورڪ بند ڪيو ويو آهي

لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي محرم الحرام جي ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ انتظام سخت ڪندي موبائل فون نيٽ ورڪ بند ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾اٺين محرم الحرام جا جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن، غازي عباس علمدار کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف امام بارگاهن تان ماتمي جلوس نڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

محرم الحرام جا سڪيورٽي انتظام سخت ڪندي لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾موبائل فون نيٽ ورڪ صبح 7 وڳي کان بند ڪيو ويو، جيڪو رات 9 وڳي تائين معطل رهندو.

انتظاميا موجب لاڙڪاڻو، نئون ديرو ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾سڀاڻي 9 ۽ 10 محرم تي به صبح 7 کان رات 9 وڳي تائين موبائل سروس بند رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*