ڏڪار جي لپيٽ هيٺ آيل ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ڏڪار جي لپيٽ هيٺ آيل ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، اڄ هڪ وڌيڪ تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو.

مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ لوڻيار جي رهواسي ڪرمون جو تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويو.

 ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي هلندڙ مهيني دوران 31 ٻار فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 9 مهينن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 455 ٿي ويو آهي.

 متاثرن سنڌ حڪومت توڙي وفاقي سرڪار کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي هنگامي بنيادن تي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*