اترڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا خطي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

اترڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا خطي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان چيو ته جنگ جي خاتمي واري دور جي شروعات ٿي چڪي آهي،آمريڪاجي کنيل قدمن جي جواب ۾ اتر ڪوريا پنهنجو نيو ڪليئر ڪمپليڪس” هونگ بيون“ به بند ڪري ڇڏيندو.

ڏکڻ ڪوريا جي  صدر مون جي ان ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه صدر ڪم جونگ ان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي سڪيورٽي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات بعد ٻنهي اڳواڻن خطي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪندي گڏيل معاهدن تي صحيحون ڪيون.

ٻنهي ملڪن جي صدرز  چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ملٽري معاهدو خطي ۾ خطرن کي ختم ڪرڻ ۽ امن طرف اهم قدم آهي.

ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان چيو ته جنگ جي خاتمي واري دور جي شروعات ٿي چڪي آهي.

ان موقعي تي اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جون ان جلد ڏکڻ ڪوريا جو دورو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

 ڏکڻ ڪورين صدر چيو ته آمريڪاجي کنيل قدمن جي جواب ۾ اتر ڪوريا پنهنجو نيو ڪليئر ڪمپليڪس” هونگ بيون“ به بند ڪري ڇڏيندو.

ڏکڻ ڪوريا جي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشيدگي ۾ گهٽتائي، ريل رابطا قائم ڪرڻ، صحت وارن شعبن ۾ سهڪار ۽ جنگ ۾ متاثر ٿيندڙ خاندانن کي هڪ ٻئي سان ملائڻ بابت معاهدن تي صحيحيون ٿيون.

اترڪوريا جي ميڊيا موجب،  ٻنهي ملڪن 2020 سمر وارن اولمپڪس ۾ سهڪار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته 2032 جي سمر اولپمڪس جا حق حاصل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*