اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيان ته پارليامينٽ جعلي آهي، عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهي ته پارليامينٽ جعلي آهي.

پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هن پارليامينٽ بابت جيڪو ڪجهه چيو هو اڄ به ان تي قائم آهي.

هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي قيام وارو سندن مطالبو مڃيو ويو تنهنڪري هو اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.

عمران خان جو چوڻ هو ته هو پارليامنيٽ جي گڏيل اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*