اسلام آباد جِي احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ۽ نيب پراسڪيوٽر سردار مظفر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي

اسلام آباد جِي احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ۽ نيب پراسڪيوٽر سردار مظفر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

احتساب عدالت نمبر ٽو جي جج ارشد ملڪ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دروان نواز شريف کي سخت سڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل مان احتساب عدالت آندو ويو، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ٿيل هئا.

ٻڌڻي جي شروعات  ۾ نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته اڄ پاناما جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو هو، پر اهو سڄو ڏينهن ملڻ جي صورت ۾ ممڪن ٿي سگهندو.

خواجه حارث وڌيڪ چيو ته نيب هاءِ ڪورٽ ۾ دليل مڪمل ناهن ڪيا ۽ وڌيڪ مهلت گهري آهي،  کيس اڄ هاءِ ڪورٽ وڃڻو آهي، تنهنڪري جرح بدران ايم ايل اي بابت درخواست تي دليل ڏيڻ گهران ٿو.

جنهن تي احتساب عدالت جي جج چيو ته اوهان جرح شروع ڪيو، جيڪي سوال رهجي ويندا،اهي هاءِ ڪورٽ مان واپسي بعد ڪري سگهجن ٿا.

ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي اعتراض واريا ته خواجه حارث اڍائي ٽن مهينن کان هڪ ئي شاهد کان آڏي پڇا ڪري رهيو آهي.

جنهن تي خواجه حارث چيو ته خبر ناهي هيءَ مذاق ڪري رهيو آهي، يا سنجيدا آهي؟

خواجه حارث جو وڌيڪ چوڻ هو ته هيءَ پاڻ جرح ۾ دير جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڪڏهن ڄاڻي واڻي اعتراض واريا ويندا آهن ته ڪڏهن سپريم ڪورٽ ڀڄي ويندا آهن.

هن چيو ته نيب سندس جرح جو حق ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري، جيڪڏهن عدالت سمجهي ٿي ته جرح غير ضروري آهي ته پوءِ ان جي زباني درخواست تي جرح جو حق ختم ڪري ڇڏي.

نيب پراسڪيورٽر سردار مظفر عباسي چيو ته خواجه صاحب! اوهان ڪاوڙ ڇو ڪري رهيا آهيو، جنهن تي خواجه حارث چيو ته هو ڪاوڙ نه ڪري رهيو آهي، پر نيب جي ڳالهه مڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

هن نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هيءَ ٻن هفتن بعد اوچتو هتي اچي ويو آهي ۽ کيس هدايت ڏئي اماڻيو ويو آهي.

ان موقعي تي احتساب عدالت جي جج چيو ته مان وڃان ٿو، اوهان وڙهي وٺو…..

جج ارشد ملڪ وڌيڪ چيو ته هاڻي ميڊيا ۾ به ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته جرح کي ايترا ڏينهن ٿي ويا آهن، جنهن تي خواجه حارث چيو ته جيڪڏهن اوهان کي ميڊيا مان متاثر ٿيڻو آهي ته پوءِ ڪيس ڇڏي ڏيو…

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ خوجاه صاحب جا دليل تو مڪمل ٿي چڪا آهن، هاڻي نيب جا دليل باقي آهن.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي خواجه حارث کي هدايت ڪئي ته واجد ضياءَ کان آڏي پڇا مڪمل ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*