پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم جو پهريون پرڏيهي دورو ڪيترن ئي مونجهارن جي ور چڙهيل آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم جو پهريون پرڏيهي دورو ڪيترن ئي مونجهارن جي ور چڙهيل آهي، وزيراعظم کي پهرين ئي دوري دوران خيرات نه وٺڻ گهرجي.

وزيراعظم عمران خان جي دوري تي بيان ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم جو پهريون پرڏيهي دورو ڪيترن ئي مونجهارن جي ور چڙهيل آهي.

هن چيو ته عمران خان ماضي ۾ قرض وٺڻ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي، بهتر آهي ته عمران خان پهريون دورو مقدس هنڌن جي زيارت تائين محدود رکي.

خورشيد شاهه چيو ته، وزيراعظم کي پهرين ئي دوري دوران خيرات نه وٺڻ گهرجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*