سينيٽ  جو اجلاس ڪورم ٽٽڻ سبب سومر تائين ملتوي ڪيو ويو، سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي بابت جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به نمائندگي ڏني وڃي

سينيٽ  جو اجلاس ڪورم ٽٽڻ سبب سومر تائين ملتوي ڪيو ويو، سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي بابت جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به نمائندگي ڏني وڃي.

سينٽ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سسئي پليجو  چيو ته عام چونڊن کان اڳ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي.

هن چيو ته، ڪميٽي ۾ سمورين سياسي جماعتن پنهنجي خدشي جو اظهار ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن آر ٽي ايس جي ڪم ڪرڻ بابت خاطري ڪرائي هئي.

سسئي پليجو چيو ته ڪميٽي ۾ تڪ بندين بابت معاملو به اٿاريو ويو آهي، آر ٽي ايس جي ناڪامي بابت معاملي کي وڌيڪ ڏٺو ويندو.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر  چيو ته، 20 مئي کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي سمورن خدشن کان آگاهه ڪيو هو.

سسئي پليجو چيو ته چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي نمائندگي ڏني وڃي.

سينيٽر محمد علي سيف ملڪي سطح تي جڙندڙ ڪميشن ۾ ٻنهي ايوانن جي نمائدگي هئڻ گهرجي، هر پارٽي جو نمائندو پارٽي ۾ شامل هجي، شاهدن جي بيانن کي قانوني حيثيت ملڻ گهرجي.

سينيٽ  جو اجلاس ڪورم ٽٽڻ سبب سومر تائين ملتوي ڪيو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*