ڪالاباغ ڊئم خلاف لاڙڪاڻو، ميرپور ماٿيلو ۽ ٺٽو جي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

ڪالاباغ ڊئم خلاف لاڙڪاڻو، ميرپور ماٿيلو ۽ ٺٽو جي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، عدالتن آڏو احتجاج ڪندي وڪيلن تڪراري ڊئم نه ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن جي سڏ تي وڪيلن مختلف عدالتن ۾ ڪم بند ڪري جنرل باديز ڪوٺايون، عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ سبب ماڻهن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو.

ٺٽي جي وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ ٻاھران بار صدر اعجاز شاھ جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرپور ماٿيلو ۾ممتاز نائچ، اويس پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن عدالت آڏو احتجاجي  مظاهرو ڪري تڪراري ڊيم خلاف نعريبازي ڪئي.

مٺي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٿرپارڪر جي صدر وڪيل ڀيرو لال هيراڻي جي اڳواڻي ۾ منور ساگر، جاويد بجير ۽ ٻين وڪيلن بار آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مختلف هنڌن تي احتجاج دوران وڪيلن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ وارن بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته تڪراري ڊيم ٺاهڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*