لاهور هاءِ ڪورٽ غيرقانوني موٽرسائيڪل رڪشا هلائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران بنا فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي گاڏيون ۽ موٽرسائيڪل رڪشا هلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ غيرقانوني موٽرسائيڪل رڪشا هلائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران بنا فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي گاڏيون ۽ موٽرسائيڪل رڪشا هلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، عدالت غير رجسٽرڊ موٽرسائيڪل رڪشا فيڪٽرين کي به بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني موٽرسائيڪل رڪشا خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سي اي او ٽرانسپورٽ ڪمپني دعالت ۾ پيش ٿيو.

سي اي او ٽرانسپورٽ موقف اختيار ڪيو ته 40 هزار موٽرسائيڪل رڪشا چالان ڪيون ويون آهن.

جسٽس علي اڪبر قريشي ريمارڪس ڏيندي چيو ته غيرقانوني موٽرسائيڪل رڪشائن کي بند ڪيو وڃي. جنهن تي ٽرانسپورٽ سيڪريٽري چيو ته 7 فيڪٽرين کي موٽرسائيڪل رڪشا ٺاهڻ جي جي اجازت ڏني وئي آهي.

عدالت پڇا ڪئي ته غيرقانوني رڪشائن جو رڳو چالان ڪافي نه آهي، غيرقانوني موٽرسائيڪل رڪشا بند ڪري 27 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ بغير فٽينس سرٽيفڪيٽ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪل رڪشائن تي پابندي لڳائيندي غير رجسٽرڊ موٽرسائيڪل رڪشا فيڪٽريون به بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*