اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ليگي ڪارڪنن پاران جشن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ليگي ڪارڪنن پاران جشن ملهايو پيو وڃي، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نوازشريف جي سزا پري پول ڌانڌلي ۽ کيس چونڊ مهم کان پري رکڻ هو ته جيئن عمران خان لاءِ رستو صاف ٿي وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف جي سزا خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران، شهباز شريف، راجا ظفر الحق، مشاهد حسين سيد، پرويز رشيد، راڻا ثناءُ الله، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سميت ٻين شرڪت ڪئي.

عدالت ٻاهران نواز ليگ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، فيصلو اچڻ بعد ليگي ڪارڪنن پاران جشن ملهايو ويو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نيب جو اهو فيصلو جيڪو انتقام تي ٻڌل هو، اهو معطل ٿيو آهي، هي ٽرائل وڏو اهم آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪو انڌو شخص به هو ته ان کي هن ٽرائل ۾ کيس نظر اچي ويو.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته هنن ڪيسن ۾ نه آئين آهي ۽ نه ئي وري قانون، هن ۾ رڳو انتقام ۽ پري پول ڌانڌلي هئي. جنهن جو مقصد نوازشريف کي چونڊ مهم کان ٻاهر رکڻو هو ۽ عمران خان جي جعلي ڪاميابي لاءِ رستو صاف ڪرڻ هو.

احسن اقبال چيو ته عدالتي فيصلي تي پاڪستان جي عوام ۽ سڄي ملڪ ۾ نواز ليگ جي ڪارڪنن کي واڌايون ڏيان ٿو، اڄ الله تعاليٰ نواز ليگ  جي ڪارڪنن جون دعائون قبول ڪيون آهن.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته هي نان پي سي او انصاف جو هڪ نمونو هو.

ان موقعي تي خواجا آصف چيو ته عدالتي فيصلي تي الله تعاليٰ جا شڪر گذار آهيون. اڄ انصاف جي فتح ٿي اهي، نواز شريف جي چاهيندڙ کي واڌايون ڏيان ٿو.

خواجا آصف چيو ته انهن سمورن ڪيسن ۾ نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر سرخرو ٿيا آهن. ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*