اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطل ڪندي ٽنهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطل ڪندي ٽنهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شهبازشريف 5-5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله  ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس اطهر من الله محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن محمد صفدر کي احتساب عدالت طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ٻڌايل سزا معطل ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالتي فيصلي موجب ٽنهي ڄڻن جي سزا معطلي جون درخواستون منظور ڪيون ويون، عدالت  اپيلن تي  نيب عدالت جي سزائن کي معطل ڪري ڇڏيو.

عدالتي فيصلي موجب، نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر 5، 5 لک رپيا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا وڃن، عدالت ڄاڻايو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*