ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي جي اين اي 245 جي چونڊ نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي جي اين اي 245 جي چونڊ نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر فاروق ستار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان جي ڪنهن به پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 نه ڏنو ويو.

درخواست ۾ چيو ويو ته اين اي 245 جا 22 هزار بيلٽ پيپرز غائب آهن، استدعا آهي ته عامر لياقت جي ڪاميابي واري نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو وڃي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته منهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو عوام ڪندو.

هن چيو ته مون هميشه بغير ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*