غزه بارڊر تي اسرائيلي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾هڪ فلسطيني شهري شهيد ۽ 54 زخمي ٿي پيا آهن

غزه بارڊر تي اسرائيلي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾هڪ فلسطيني شهري شهيد ۽ 54 زخمي ٿي پيا آهن.

 هزارين شهرين امريڪا پاران سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ خلاف غزه بارڊر تي هفتيوار احتجاج ڪيو.

  اسرائيلي فورسز مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪئي.

 فلسطيني صحت کاتي موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو آهي، جڏهن ته 54 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

 ياد رهي ته فسلطينين پاران امريڪي سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ خلاف هلندڙ سال 30 مارچ کان هر جمعي تي غزه بارڊر تي احتجاج ڪيو ويندو آهي.

ياد رهي ته 183 فلسطيني شهري احتجاج دوران شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته هزارين زخمي ٿي پيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*